ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ روس جي ??ائب وزيراعظم اليگزينڊر نوواڪ ٻنهي ملڪن جي ??عاشي لاڳاپن ۽ خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، ريلوي ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بين الحڪومتي ڪميشن مختلف منصوبن تي وڌيڪ اڳڀرائي جي ??اءِ انتهائي اهم پليٽ فارم آه??. روس جي ??ائب وزيراعظم اليگزينڊر نوواڪ وفد سان گڏ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان روس اقتصادي لاڳاپن ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي خصوصي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪاروباري ما??ول ۾ بهتري جي ??اءِ مختلف شعبن ۾ حڪومت جي سڌارن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان ان يقين جو اظهار ڪيو ته روسي ڪمپنيون ۽ ڪاروباري ماڻهو پاڪستان جي بهتر ڪاروباري ما??ول مان فائدو کڻنديون ۽ پاڪستان جي ??عيشت جي ??ختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪنديون. وزيراعظم پاڪستان ۽ روس جي ??چ ۾ فليگ شپ اقتصادي منصوبي طور واپار، سيڙپڪاري، ريلوي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي ??وجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بين الحڪومتي ڪميشن مخصوص منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي ??اءِ هڪ اهم پليٽ فارم آه??. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم عمران خان آجياڻي تي پاڪستان ۽ روس جي ??اليوارن ڪاروباري ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان 22 ڪروڙ کان وڌيڪ جي ما??ڪيٽ طور واپار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ??را??م ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته ما??چ ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري ڪانفرنس سان ميٽالرجيڪل، توانائي، تعميرات ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنين جي ??اءِ پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي موقعن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. تقريب کي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم اعليٰ سطحي وفد سان گڏ روس جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آه??. ان کان اڳ وزيراعظم ڪريملن ۾ صدر پيوٽن سان پڻ ملاقات ڪئي.