اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ۾ قانونسازي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي تعمير ۽ ترقي کي يق??ني بڻائي انهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پي??ا ڪرڻ بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. وزيراعظم نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پي??ا ڪري خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي ترقي کي يق??ني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.