اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته الله تعاليٰ وزيراعظم عمران خان کان صحت ڪارڊ جي شڪل ۾ ڏکويل انسانن لاءِ تمام وڏو ڪم ورتو آهي، هاڻي کان بيماري جو علاج ڪرائڻ لاءِ ماڻهن کي مجبوري ۾ قرض يا گهر، ڪا جائيداد ، زيور وڪرو نه ڪرڻو پوندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ م??لڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته هاڻ ڪوبه پنهنجي پي??رن کي پئسو نه هجڻ جي ڪري بيماري ۾ تڙپندو نه ڏسندو، مهرباني عمران خان.