اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) عالمي اسلامي يونيورسٽي جي خطيب ڊاڪٽر ضيا??ُ الرحمان ايوان صد?? جي جامع مسجد ۾ سماجي طبقن ۽ اسلامي معاشري جي موضوع تي جمعي جي خطبي ۾ چيو ته اسلام انسان کي رنگ ۽ نسل بدران الله ۽ ان جي بندن ج?? حقن جي ادائيگي جي بنياد تي عزت ۽ احترام جو رتبو ڏيندو آهي،
ايوان صد?? جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو وي??، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صد?? جي عملدارن جمعي جي نماز ادا ڪئي، ڊاڪٽر ضيا??ُ الرحمان پنهنجي خطبي ۾ چيو ته الله تعاليٰ نظام ۾ توازن پيدا ڪرڻ ۽ انسانن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انهن جي ضرورتن کي هڪٻئي سان ڳنڍيو آهي، جيتوڻيڪ صاحب حيثيت طبقي تي لازمي آهي ته هو حاصل نعمتن ۾ ٻين کي به شامل ڪن، غريبن، مسڪينن، يتيمن ۽ مستحقن جو انهن ت?? حق آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ ۽ انهن جي بندن جا حق ادا ڪرڻ، ڪمزورن تي احسان ڪرڻ اعليٰ صفتون آهن ۽ ان جو وڏو اجر آهي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صد?? جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.