اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بدقسمتي سان ڀارت تي هڪ اهڙي حڪومت مڙهيل آه?? جنهن کي عالمي ذميوارين جو ادراڪ نه آهي، نريندر مودي هٽلر جي نظريي تي ڪاربند آهي، هو ڀارت ۾ هندوتوا نظريو مڙهڻ چاهي ٿو، مودي حڪومت جي غيرذميواراڻي، ??يرقانوني ۽ جابراڻي پاليسين جي ڪري اڄ خط?? ڪيترن ئي موقعن کان محروم آهي، ڪشمير تڪرار جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ئي خط?? ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جو واحد رستو آهي. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پ??هنجي پ??غام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشميري عوام اڄ ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، پوري پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي، ??سان کي پڪو يقين آهي ته ڪشميري عوام ڀارت جي ڏاڍ ۽ ناجائز قبضي جي خلاف ان جرئتمنداڻي جدوجهد ۾ سرخرو ٿيندي. هن چيو ته اسان ڪشميري عوام جي اخلاقي، ??ياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نريندر مودي هٽلر جي نظريي تي ڪاربند آهي، هو ڀارت ۾ هندوتوا نظريو مڙهڻ چاهي ٿو، مودي حڪومت جي غيرذميواراڻي، ??يرقانوني ۽ جارحاڻي پاليسين جي ڪري اڄ خط?? ڪيترن ئي موقعن کان محروم آهي، ??دقسمتي سان ڀارت ۾ هڪ اهڙي حڪومت قائم آه?? جنهن کي عالمي ذميوارين جو ادراڪ نه آهي، ??هي انتهاپسند ماڻهو آهن ۽ آر ايس ايس جي فلسفي جي تمام ويجهو آهن. هن چيو ته ڪشمير تڪرار جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ئي خط?? ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جو واحد رستو آهي.