اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ڏک?? ڪوريا جي وچ ۾ واپار وڌائڻ لاءِ فعال قدمن جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڪوريا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، معاشي ۽ عوامي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏک?? ڪوريا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير نبيل منير سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مو??ب صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپو وڌائڻ لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي ڪري پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ پُرڪشش مقام آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نامزد سفير ڪورين سيڙپڪارن کي خصوصي اقتصادي زونز ۽ سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ متوجهه ڪري، ڪوريا ۽ پاڪستان ۾ مذهبي سياحت جي فروغ جا وسيع امڪان مو??ود آهن. صدر چيو ته ڪوريا جي سياحن کي پاڪستان ۾ ٻڌمت جي تاريخي مذهبي ماڳن جو دورو ??رڻ جي ترغيب ڏيڻي پوندي، هن ڪوريا جي ايگزم بئنڪ پاران اسلام آباد ۾ آءِ ٽي پارڪ لاءِ 88 ملين ڊالر ڏيڻ ۽ ڪراچي ۾ سام سنگ جي مو??ائيل فونز مينوفيڪچرنگ يونٽ شروع ??رڻ کي به ساراهيو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني دوستي گروپ جي مٽاسٽا جي ضرورت تي ??ه زور ڏنو، ان کانپوءِ ??لج??ائر ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر محمد طارق به صدر سان ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ??لج??ائر جي وچ ۾ گڏيل مذهب ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا آهن، آءِ ٽي جي شعبي ۾ ??لج??ائر سان لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته نامزد سفير ??لج??ائر سان پارلياماني ۽ ايوان صنعت ۽ واپار جي وفدن جي مٽاسٽا جي فروغ لاءِ ڪم ڪري. صدر ان موقعي تي پاڪستان ۽ ??لج??ائر جي وچ ۾ گڏيل ڪاروباري ڪائونسل قائم ??رڻ جي تجويز به ڏني.