اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڇو??رين جي تعليم لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي عالم سڳورن ۽ مسجدن جو معاشري ۾ تمام وڏو ڪردار آهي، حڪومت ڇو??رين کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، عورتن کي تعليم يافته بڻائڻ ۾ عالم سڳورا موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڇو??رين جي تعليم جي فروغ لاءِ قومي مهم جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪي??، تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبله اياز، پاڪستان الائنس فار گرلز ايجوڪيشن (پيج) جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر فجر رابعه پاشا، عالم سڳورا ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي، صدر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڇو??رين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ عالم سڳورا معاشري ۾ مثبت انداز ۾ پيغام پهچائي سگهن ٿا، عالم سڳورا ڪورونا جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ??ردار ادا ڪيو، هن چيو ته 32 سيڪڙو ڇو??ريون پرائمري تعليم کان محروم آهن، حڪومت احساس پروگرام تحت اسڪالرشپس پروگرام شروع ڪيو، عورتن کي بينادي تعليم ڏئي پيرن تي بيهاري سگهجي ٿو، اسلام پهريون مزهب آهي جنهن عورتن کي معاشري ۾ مقام ڏنو، عالم سڳورا ڪڏهن به ڇو??رين جي تعليم جي مخالف ناهن رهيا، صدر چيو ته ڇو??رين کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ معاشري ۾ تحفظ فراهم ??رڻ اهم آهي ، عالم سڳورن جو پيغام معاشري ۾ وڏي اهيمت رکي ٿو، عورتن کي هنر مند بڻائڻ ۽ تعليم ڏيڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي، صدر چيو ته عالم ڇو??رين جي تعليم ۾ ڪڏهن مزاحمت ناهي ڪئي، سر سيد احمد خان ڪيتريون ئي ڪوششن کانپوءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي جديد تعليم حاصل ڪرڻ تي آماده ڪيو، حڪومت ڇو??رين جي تعليم کي انتهائي اهميت ڏئي رهي آهي، ڇو??رين جي تعليم جي باري ۾ عالم سڳورن جو پيغام معاشري ۾ اهميت رکي ٿو، هن چيو ته مسجدون تعليم جي مرڪزن جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، عالم سڳورا ۽ مشائخ ڪورونا وبا جي دوران معاشري جي رهنمائي ۾ اهم ??ردار ادا ڪيو، صدر چيو ته عورتن جي اسڪل ڊولپمينٽ ضروري آهي، اسلام 14 سئو سال اڳ عورتن کي حق ڏنا ۽ کين معاشري ۾ نمايان مقام ڏنو. صدر مسجد جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته معاشرتي مسئلن جي حل لاءِ مسجد کان عوام کي آگاهي ڏيڻي پوندي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عالم اسڪولن کان ٻاهر ڇو??رن ۽ ڇو??رين لاءِ فجر کان ظهر تائين مسجدن ۾ تعليم جو اهتمام ڪرڻ جي پهرين ئي تجويز ڏني آهي، تقريب کي خطاب ڪندي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته ڇو??رين جي تعليم جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي جو هدف دلين جي گهڻو ويجهو آهن، هن چيو ته ڇو??رين جي تعليم لاءِ لائحه عمل طئي ڪري رهيا آهن، پاڪستان الائنس فار گلز ايجوڪيشن اسٽار اسڪولز جي ذريعي منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ پيشقدمي شروع ڪئي آهي جنهن ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ عالم سڳورن جو تعاون به شامل آهي. ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته ان جي ڪوسشن جي نتيجي ۾ پاڪستان هڪ باوقار ملڪ جي حيثيت سان سڃاتو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايوان صدر جي سرپرستي ۾ ڇو??رين جي تعليم لاءِ عملي قدم کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر پاڪستان الائنس فار گرلز ايجوڪيشن فجر رابعه پاشا تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جا عالم سڳورا ڇو??رين جي تعليم جا حامي آهن، ڇو??رين جي تعليم لاءِ ڪيل ڪوششون مديني جي رياست طرف اهم قدم آهي، هن چيو ته سندن ادارو 129 غير رسمي تعليمي ادارا هلائي رهيو آهي جنهن ۾ ڇو??رين جي تعليم طرف ڌيان ڏنو پيو وڃي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب ۾ ڇو??رين جي تعليم جي باري ۾ قومي مهم جو باقاعده آغاز ڪري ڇڏيو.