اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي محسن پاڪستان ۽ ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عب??ال??دي?? ??ان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ونگ پاران جاري تعزيت?? پيغام ۾ وقتي صدر چيو ته مرحوم جي خدمتن کي سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو ۽ ملڪي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ مرحوم سائنسدان عب??ال??دي?? جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر عب??ال??دي?? ??ان جي خدمتن تي پوري قوم کي فخر آهي. ملڪ جي لاءِ ڊاڪٽر عب??ال??دي?? جي اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ساراهيو ويندو. پوري قوم سندس لاڏاڻي تي ڏکويل آهي. وقتي صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ درجا بلند فرمائي ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته مرحوم ائٽمي سائنسدان عب??ال??دي?? جي جنازي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي. جنازي نماز ۾ وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي پڻ شرڪت ڪندو. سينيٽ جي دپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ ائٽمي سائنسدان عب??ال??دي?? ??ان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي جدا جدا تعزيت?? پيغامن ۾ الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ??ئي.