اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو سرمايو باصلاحيت نوجوان آهن، ملڪ جي ترقي جو دارومدار نوجوانن جي ترقي تي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل يوٿ ڪائونسل جي ??يمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ نوجوانن جي ??عاملن بابت خاص مددگار عثمان ڊار، صوبائي وزيرن راءِ تيمور خان ڀٽي، راجا ناصر علي خان مقپون ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن به شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائي رهي آهي، ڪاميابي جو رستو جدوجهد جو رست?? آهي، پاڪستا?? ۾ ??وجوانن جو تناسب وڌيڪ هجڻ ملڪ جي خوش قسمتي آهي. هن چيو ته ليڊر سدائين سچو ۽ ايماندار هوند?? آهي، هن نوجوانن تي زر ڏنو ته هو سچ جو رستو اختيار ڪن، هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته ملڪي روانگي واپار صرف 20 ارب ڊالر هو، حڪومت جي ??اليسين جي ڪري روانگي واپار ۾ 35 سيڪڙو اضافو ٿي رهي?? آهي، پاڪستان وسيلن جي دولت سان مالا مال آهي اسان جو سڀ کانو ڏو سرمايو باصلاحيت افرادي قوت يعني نوجوان آهن،
ان موقعي تي خاص معاون عثمان ڊار ڪامياب جوان پروگرام تحت قائم ٿيل نيشنل يوٿ ڪائونسل ۽ نوجوانن جي ??اءِ کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته نيشنل يوٿ ڊولپمينٽ فريم ورڪ 6 شعبن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ سماجي تحفظ، معاشرتي اعتبار سان نظرانداز نوجوانن کي قومي ڌ??را ۾ واپس آڻڻ شامل آهي، صحت، نوجوانن کي نظر ۾ رکندي اداره جاتي سڌارا، سوڪ انگيجمينٽ به فريم و??ڪ جو حص?? آهن، ان کانسواءِ روزگار جا موقعا ۽ معاشي خودمختياري به فريم و??ڪ جي 6 شعبن ۾ شامل آهي،
هن ٻڌايو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 2023ع تائين نوجوان?? ۾ ??عاشي خودمختياري ۽ يوٿ انٽرپرونيورشپ لاءِ 100 ارب روپيا ورهايا ويندا، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪامياب جوان هنرمند پروگرام تحت 2 لک نوجوانن کي وظيفا ڏنا ويندا، ڪامياب جوان مرڪز، ٽيلنٽ هنٽ، راندين جي اڪيڊميز گرين يوٿ موومينٽ ۽ انوويشن ليگ به منصوبي جو حص?? آهن، يوٿ ڪائونسل ۾ پوري ملڪ جي ??ختلف شعبن مان 33 نوجوان شريڪ آهن، نوجوانن جي چونڊ?? ۾ ??لڪ جي ??ختلف علائقن، ٽرانس جينڊرز، اقليتن، جسماني طور تي معذور ماڻهن، مرد ۽ عورتن جي برابر نمائندگي جو خاص خيال رکيو وي?? آهي.