اسلا?? آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ جرمني جي سفير برنارڊ چيو آهي ته افغانستان ۾ استحڪام، امن ۽ ترقي جي لاءِ دوحه امن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، جنهن کي آمريڪا سميت عالمي برادر?? تسليم ڪيو آهي، افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت امن ۽ استحڪام جي لاءِ تمام ضروري آهي. پريس ريليز موجب هن چ??و ته آمريڪا ۽ عالمي برادري پاڪستان جي ڪردار ک?? تسليم ڪيو آهي ۽ جرمني به ان مثبت ڪردار کي ساراهي ٿو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪ??و ته پاڪستان مستقبل ۾ به افغانستان ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چ??و ته پاڪستان طالبان کي باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو افغانستان ۾ هڪ اتحادي حڪومت جوڙين. هن چ??و ته پاڪستان کي خطي ۾ پنهنجي اهميت ۽ ڪردار جو چڱي ريت اندازو آهي. جرمن سفير چ??و ته ڪابل ۾ سڀني ڌڙن تي ٻڌل هڪ ٺوس حڪومت هن ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ تمام ضروري آهي. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ڪردار بابت هڪ سوال تي جرمني جي سفير چ??و ته انهن مان ڪو به افغانستان ۾ عدم استحڪام نه ٿو چاهي ڇ?? ته ا??و سياسي تباهي جو ڪارڻ ثابت ٿيندو. هن چ??و ته جيڪڏهن ڪجهه ملڪن جا مفاد ۽ تناظر مختلف آهن جيڪي قابل فهم آهن پر سڀ حقيقي معنيٰ ۾ سمجهن ٿا ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سڄي خطي جي مفاد ۾ آهي. جرمني جي پرڏيهي وزير هيڪوماس جي تازي پاڪستان جي دوري بابت هڪ سوال جي جواب ۾ سفير چ??و ته سندس دورو پاڪستان سان گڏيل لاڳاپن ۽ خطي ۾ جاري صورتحال بشمول افغانستان بابت هو.