اسلام آب??د – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو هڪ دهشتگرد حملي ۾ فوت ٿي، پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪي به ٺڪاڻا ناهن، پاڪ افغان سرحد تي ڊرون جهازن سان سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، ٻين جي جنگ وڙهي پنهنجي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي سٽ نٿا سهي سگهون، وزيراعظم طور منهنجي ذميداري پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي، افغانستان هن وقت تاريخ جي مشڪل چوواٽي تي آهي. اربع ڏينهن آمريڪي نشرياتي اداري ”سي اين اين“ کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چ??و ته هو سمجهي ٿو ته افغانستان هڪ تاريخ جي مشڪل چوواٽي تي آهي، اسان جي دعا آهي ته اهو 40 سالن کانپوءِ امن جي راهه تي هلي پوي، جيڪڏهن طالبان سمورن ڌڙن کي گڏ کڻي حڪومت ٺاهين ته اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو، هن چ??و ته ان جي ابتڙ جيڪڏهن ٻيو رستو اختيار ڪيو و??و ته هڪ تمام وڏو انساني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، هن چ??و ته جنهن مقصد لاءِ آمريڪا افغانستان آي?? هو اهو عالمي دهشتگردن جو خاتمو ٿو، وزيراعظم چ??و ته افغانستان غير مستحڪم ٿيڻ جي صورت ۾ امڪان آهي ته افغانستان ٻيهر دهشتگردن جي لاءِ محفوظ ٺڪاڻو بڻجي سگهي ٿو، اسان اها اميد ۽ دعا ڪريون ٿا ته 40 سالن کانپوءِ هتي امن قائم ٿئي، تنهن هوندي به هن وقت افغانستان جي حوالي سان ڪا به اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان چ??و ته افغانستان جي اها تاريخ رهي آهي ته ان کي ڪڏهن به ٻ??هر??ن ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي هتي عوام جي مرضي جي خلاف ڪا ڪٺ پتلي حڪومت عوام قبول ڪندي آهي، ان لاءِ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران کيس مدد جي آڇ ڪرڻ گهرجي، عورتن جي حقن بابت هڪ سوال تي هن چ??و ته هو سمجهي ٿو ته اهو سوچڻ غلطي آهي ته ٻ??هر??ن ويهي ڪو افغان عورتن کي حق ڏئي سگهي ٿو، افغان عورتون طاقتور آهن ۽ کين وقت ڏنو وڃي، افغان عورتن کي پنهنجي صلاحيتن موجب ڪم ڪرڻ جي آزادي هجڻ گهرجي، هن چ??و ته پاڪستان ڪنهن ٻي جي جنگ وڙهڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته شروع ۾ پاڪستان 50 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني، انهن ۾ حقاني قبيلي جا ماڻهو به هئا، ان قبيلي جا ڪيترائي ماڻهو پاڪستان ۾ افغان پناهگير جي ڪيمپن ۾ پيدا ٿيا، آمريڪين کي حقاني نيٽ ورڪ جي باري ۾ معلوم نه هو ته اهو ڇا آهي، حقاني افغانستان جو پشتون قبيلو آهي، وزيراعظم چ??و ته پاڪستان جي ڪل بجيت 50 ارب ڊالر آهي جيڪا 22 ڪروڙ ماڻهن تي خرچ ٿئي ٿي، پاڪستان ڪيئن وڌيڪ ڪنهن جنگ جي سٽ سهي سگهي ٿو، وزيراعظم چ??و ته آمريڪا جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شموليت تي پاڪستان کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو، هن چ??و ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 150 ارب ڊالر جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو هڪ دهشتگرد حملي ۾ فوت ٿي، وزيراعظم چ??و ته نائين اليون کانپوءِ آمريڪا جو اتحادي بڻجڻ تي پاڪستان جي خلاف گهٽ ۾ گهٽ 50 عسڪريت پسند گروه حملا ڪري رهيا ه??ا، ان سڀني جي باوجود آمريڪا به پاڪستان تي 480 ڊرون حملا ڪيا، شايد ئي ڪڏهن ائين ٿيو هجي ته ڪنهن ملڪ پنهنجي اتحادي ملڪ تي حملا ڪيا ه??ن. وزيراعظم پاڪ سرزمين تي دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن جي سختي سان ترديد ڪندي چ??و ته پاڪ افغان سرحد تي ڊرون جهازن سان سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم چ??و ته ٻين جي جنگ وڙهي پنهنجي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي سٽ نٿا سهي سگهون، وزويراعظم طور منهنجي ذميداري پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي.