اسلام آ??اد – 29 جولاءِ (اي پي پي) بلوچست??ن جي گورنر سيد ظهور احمد آغا سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ظهور احمد آغا کي بلوچست??ن جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي چوڌري فواد حس??ن چيو ته بلوچستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي حڪومت جي اولين ت??جيح آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ ڪنهن بلوچست??ن جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو. پي ٽي آءِ جي حڪومت بلوچستان کي سڀني کان وڏو ترقياتي پيڪيج ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران اعلان ڪيل بلوچستان پيڪيج سان خطي جي 70 سالن جي محرومين جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته سي پيڪ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو بلوچستان کي ٿيندو، بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبا حقيقي گيم چينجر ثابت ٿيندا، انهن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته بلوچستان کي ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر آندو ويندو. هن چيو ته بلوچستان ۾ ترقي لاءِ امن ضروري آهي، اميد آهي ته بلوچست??ن جو گورنر امن ام??ن جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي بلوچست??ن جي گورنر چيو ته وفاقي حڪومت پاران بلوچست??ن جي محرومين کي ختم ڪرڻ جون ڪوشش واکاڻ جوڳيون آهن، هن چيو ته هو وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي وچ ۾ بهتر رابطن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر رابطن جو فائدو بلوچست??ن جي عوام کي ٿيندو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد به موجود هئي.