اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي گلگت روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم اسپيشل ڪميونيڪيشن آرگنائيزيشن جي نون منصوبن جو اف??تاح ڪندو جنهن سان گلگت بلتستان جي ڏورانهن علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس مهيا ٿيندي ۽ موجوده سروس بهتر ٿيندي. وزيراعظم کي احساس پروگرام تحت گلگت بلتستان ۾ جاري امدادي منصوبن ۽ مس??قب?? لاءِ منصوبابندي تي بريفنگ ڏني ويندي.