اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عا??ف علوي خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جو عمل تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مختلف قسمن جي مع??ورين جي درجه بندي لاءِ طريقيڪار جوڙيو وڃي، مع??وري سرٽيفڪيٽ سان حڪومت جي احساس پروگرام جهڙي سماجي تحفظ جي اسڪيمن مان فائدو کڻي سگهجي ٿ??، ان حوالي سان جامع قدم کنيا وڃن. هو مختلف قسم جي مع??وري جي رجسٽريشن جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ خاص مددگار نيشنل هيلٿ سروسز، ريگوليشنز اينڊ ??وآ??ڊينيشن ڊاڪٽر فيصل سلطان، سيڪريٽري عامر اشرف خواجه، گهرو وزارت جي اسپيشل سيڪريٽري شير عالم محسود، نادرا چيئرمين خالد لطيف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صدر سمورن لاڳاپيل ڌرين کي خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جو عمل تيز ڪندي مختلف قسم جي مع??ورين جي درجه بندي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ انهن جي رجسٽريشن جي عمل کي هموار ۽ تيز ڪرڻ ضروري آهي، صدر چيو ته خصوصي ماڻهن لاءِ مع??وري سرٽيفڪيٽ تمام اهم آهي ڇو ته ان جي ذريعي حڪومت جي احساس پروگرام جهڙي سماجي تحفظ جي اسڪيمن مان فائدو کڻي سگهجي ٿ??، ان موقعي تي صدر کي نيشنل هيلٿ سروسز ۽ ريگوليشنز اينڊ ??وآ??ڊينشن واري وزارت ۽ نادرا پاران خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جي حوالي سان ڪم تي اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.