اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) ساموندي م??ام??ن واري وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته نئين شپنگ پال??سي سيڙپڪارن جي لاءِ بهترين آهي جنهن ۾ سڀني جي لاءِ آساني هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار سامونڊي م??ام??ن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪانفرنس ۾ شرڪت دوران ڪيو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مون کي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري خوشي ٿي رهي آهي، ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ ٽيڪنالاجي جو ا??م ڪردار هوندو آهي. ميري ٽائيم شعبي ۾ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت آهي. ماڻهن کي بليو اڪانومي ۽ ان بابت سمجهڻ وڏو چئلينج آهي. علي زيدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته دبئي، ملائيشيا سميت سڄي دنيا ۾ جزيرا ترقي جي لاءِ استعمال ٿين ٿا. گوادر ٽرانسشپمينٽ جي لاءِ آئيڊيل تصور ڪيو وڃي ٿو منسٽري آف ميري ٽائيم ۽ ڪامرس جي وچ ۾ ڪجهه م??ام??ا هلي رهيا آهن جلد ان حوالي سان آگاهه ڪيو ويندو. نئين شپنگ پال??سي انويسٽرز جي لاءِ بهترين آهي اسان شپنگ پال??سي ۾ ترميمون اهڙي طرح ڪيون آهن جو سڀني کي آساني ٿئي. شپنگ پال??سي جي لاءِ اسان پنهنجو پرپوزل موڪلي ڇڏيو آهي جلد ئي ان تي ڪا سٺي خبر ملندي.