اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائو??سل جو 42 هون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري آرڊيننس 2002ع ۾ تجويز ڪيل ترميم جو جائزو ورتو ويو. گڏيل مفاد واري ڪائو??سل پيٽروليم ??اري وزارت کي ذميواري ڏني ته صوبن کي ريگيوليٽري باڊي جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيڻ جي لاءِ موزون مڪينزم جي امڪان جو جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ پنجاب حڪومت پاران چشما رائٽ بئنڪ ڪينال جي هيٺئين حصي جو ڪنٽرول پاڻي وسيلن واري وزارت کان پنجاب حڪومت جي حوالي ڪرڻ جي درخواست جو جائزو ورتو. گڏيل مفادن واري ڪائو??سل تجويز سان اتفاق ڪندي ان حوالي سان ارسا، پنجاب حڪومت ۽ خيبرپختونخواهه جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي جيڪا ان ڏس ۾ طريقيڪار ۽ ٻن صوبن جي وچ ۾ ٻطرفي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيندي. اجلاس ۾ انساني ترقي ۽ بيسڪ ايجوڪيش ڪميونٽي اسڪولز بابت قومي ڪميشن جي مستقبل ۾ ڪردار ۽ ڪم جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان حوالي سان اصولي فيصلو ڪيو ويو ته موجوده انساني ترقي ۽ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولز بابت قومي ڪميشن، استادن ۽ شاگردن کي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت کان لاڳاپيل صوبن ۽ علائقن کي منتقل ڪيو وڃي. اهو عمل هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت کي ان حوالي سان صوبن سان مشاورت سان پلان تيار ڪري گڏيل مفادن واري ڪائو??سل جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.