اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته جهاز حادثي جي شفاف ۽ غير جانبدار انڪوائري ۽ واقعي سان جڙيل حقيقتن کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي، عيد جي ??وقعي تي جهاز حادثي قوم لاءِ هڪ تمام وڏو سانحو آهي، آئون انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو ۽ ڏک جي ان گهڙي ۾ ڏکويل خا??دانن جي ڏک ۾ شر??ڪ آهيان، ان افسوسناڪ واقعي جي تحقيقات ۾ انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وينديون، حقيقتن ۽ تفصيلن کان عوام کي مڪمل طور تي آگاهه ڪيو ويندو، سول ايوي ايشن، پي آءِ اي، لاڳاپيل ادارن ۽ هوائي سفر سان جڙيل عمل ۽ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. اه??ن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پي آءِ اي جي ??سافر جهاز حادثي جي حوالي سان اعليٰ سطح جي بريفنگ جي ??وقعي تي ڪيو.