اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) تعليم واري وفاقي و??ير شفقت محمود چيو آهي ??ه قوم کي خاطري ڪرايون ٿا ته ڪرونا وائرس ??ي وبا جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ سڄي قوم کي گڏ کڻي هلنداسين، قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، ان ۾ سمورن صوبن کي به گهرايو ويو آهي جنهن ۾ ان حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويندا، هر ملڪ ان بيماري جي خلاف پنهنجي طور قدم کڻي رهيو آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڪرونا وائرس ??ي حوالي سان اٿاريل اعتراض وارن نقطن جو جواب ڏيندي وفاقي و??ير شفقت محمود چيو ته واقعي وڏي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، حڪومت ان صورتحال ک??ن آگاهه آهي ۽ قدم کنيا پيا وڃن.