لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات با??ت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڳوڻين حڪومتن جي غلط قدمن جي ڪري حڪومت کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا، ماضي جي حڪمرانن پنهنجي ٻارن جو سوچيو عوام جو نه ۽ اهڙا فيصلا ڪيا جن جو نتيجو اڄ عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، ماضي ۾ مسئلن کي ڪارپيٽ جي هيٺان لڪايو ويو، بلن ۾ اض??فو هڪ مشڪل فيصلو آهي، هاڻي معيشت بهتر ٿي رهي آهي ۽ ملڪ ترقي طرف گامزن آ??ي. هو لاهور پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس ۾ ڳالهائي رهي هئي.