اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم چيو آهي ته پاڪستان گلوبل وارمنگ ۾ ٽرانسپورٽ جي مقدار کي نظر ۾ رکندي ان جي تدارڪ جي لاءِ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جوڙي ڇڏي آ??ي جنهن جي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آ??ي، ان سان نه رڳو ماحولياتي آ??ودگي جي خاتمي ۾ م??د ملندي پر عوام کي سستي ٽرانسپورٽ جي سهولت ملندي، فيول جي مد ۾ ٿيندڙ خرچن ۾ گهٽتائين ايندي، مٽاسٽا جي ناڻي جي بچت ٿيندي، نئين صنعت کي فروغ ملندو، ملڪ ۾ 3 هزار کان وڌيڪ بند پيل سي اين جي اسٽيشنن کي اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنن ۾ تب??يل ڪنداسين. پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.