اسلام آباد -12 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي قابض فورسز طرفان والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي جنگي ڏوهن، انساني حقن جي خلاف ورزين، ڪوڙن مقابلن ۽ ڪوڙن فليگ آپريشنز ۽ عورتن جي بي حرمتي جي حوالي سان جامع ڊوزيئر جاري ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري ۽ قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر جي تفصيلن بابت آگاهه ڪندي چيو ته اسان هن ڊوزيئر ذريعي سڄي ڄاڻ ۽ اصل حقيقتون سڄي دنيا تائين پهچائينداسين، اسان دنيا جي سڀ کا?? وڏي جمهوريت جي دعويدار ڀارت سرڪار جي اصل چهري کي بي نقاب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انساني حقن جي خلاف ورزي والا??يل ڪشمير ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ڀارت والا??يل ڪشمير ۾ ظلم جي انتها ڪندي ڪشميري عوام جو جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن کا?? هندو پرست حڪومت ڀارت ۾ آئي آهي انهن پائمالين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اڄ ڀارتي فوجي گهيراءَ کي 769 ڏينهن گذري ويا آهن. هن چيو ته سيد علي گيلاني جي پهرين سيپٽمبر تي جڏهن وفات ٿي ته ان جي گهر جو گهيراءُ ڪيو ويو، ان جي وصيعت کي ختم ڪندي رات جي اونداهي ۾ ان کي دفن ڪيو ويو. ان کي تدفين جي بن??اد?? حق کا?? به محروم ڪيو ويو. سندس پونئرن کي جنازي ۾ شرڪت کا?? محروم رکيو ويو. عالمي ميڊيا کي ڪشمير تائين پهچ نه ٿي ڏني وڃي. انسانيت کي ان انداز ۾ پائمال ڪرڻ انتهائي نامناسب آهي، ان لاءِ اسان اڄ هي ڊوزيئر سامهون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شاه محمود قريشي چيو ته 131 صفحن تي ٻڌل ان ڊوزيئر جا 3 باب آهن. پهرين باب ۾ جنگي ڏوهن، ٻئي ۾ ڪوڙن فليگ آپريشنز جڏهن ته ٽئين باب ۾ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڀارت جي والا??يل ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوششن جو ذڪر آهي. هن چيو ته ان ۾ 113 حوالا موجود آهن جن ۾ 26 عالمي ميڊيا کا?? ۽ 41 حوالا ڀارت جي ٿنڪ ٽينڪ کا?? ورتا ويا آهن جڏهن ته پاڪستان جا صرف 14 حوالا آهن. هي انتهائي اعتماد جوڳو دستاويز بڻايو ويو آهي. 3232 ڪيس جنگي ڏوهن بابت آهن. 1128 انهن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن ۾ ڀارتي ميجر جنرل، برگيڊيئر ۽ ٻين سينئر آفيسرن جو ذڪر آهي جيڪي انساني حقن جي پائمالين ۾ سڌي ريت ملوث رهيا آهن. انهن ۾ عدالت کا?? مٿانهان قتل ۽ پيلٽ گنز جو استعمال شامل آهي. هن چيو ته هن ڊوزيئر ۾ عورتن جي بي حرتمي جو به ذڪر آهي. هڪ لک کا?? وڌيڪ اهڙين جاين جو ذڪر آهي جن کي ساڙيو ويو. ان کا?? سواءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪوڙن آپريشنن جو به ذڪر آهي. ڪشميرين جي پرامن آزادي واري جدوجهد کي دهشتگردي سان گڏائڻ جي ڪوششن جو ذڪر آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت ۾ صحافين کي ڀارت سرڪار طرفان والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين پائمالن تي ٻڌل ويڊيوز ڏيکاريون ويون. هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته يورپي ملڪ انساني حقن جو علمبردار هجڻ جا دعويٰ ڪن ٿا پر والا??يل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ۽ بيگناهه ڪشميرين تي ظلم تي خاموش آهن. انساني حقن جو تحفظ عالمي ادارن جي ذميواري آهي. گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل کي ڀارت جي والا??يل ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ جنگي ڏوهن جو نوٽيس وٺندي انهن جي جاچ ڪرڻ گهرجي. شاه محمود قريشي ڀارت تي زور ڀريو ته هو فوري طور تي انساني حقن جي پائمالين کي بند ڪري ۽ والا??يل ڪشمير ۾ عالمي ميڊيا ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي پهچ ڏئي. هن چيو ته فاشسٽ پاليسيون خطي کي شديد خطرن ۾ وجهي رهيون آهن، اسان کي ان حوالي سان عالمي ضمير کي جاڳائڻو آهي. ڪشمير تڪرار جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي مخدوم شاه محمود قريشي چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کا?? پوءِ ڪشمير مسئلو عالمي سطح تي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر پنهنجي پنهنجي پاڪستاني دورن دوران پنهنجن بيانن ۾ ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جي موقف کي ورجايو. هيومن رائيٽس ڪائونسل جون هڪٻئي پٺيان ٻه رپورٽون سامهون اچڻ انتهائي اهميت رکن ٿيون. ان کا?? سواءِ هائوس آف ڪامنز سميت عالمي پارليامان ۾ والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هيومن رائيٽس ڪائونسل هڪ باوقار فورم آهي، اسان کي ان سميت ٻين اهم فورمز کي ڪتب آڻڻ جي ضرورت آهي. اسان عالمي آبزرورز کي آزاد ڪشمير وٺي وياسين جڏهن ته ڀارت انهن کي پهچ نه ڏني. اڄ ميڊيا عام راءِ بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع کا?? پوءِ عالمي ميڊيا والا??يل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ڏانهن عالمي برادري جي توجهه ڇڪرائي. هن چيو ته سوشل ميڊيا به ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ ڀارت اندر هڪ مخصوص طبقو دهلي سرڪار جي ڪشمير پاليسي خلاف کلي ڳالهائي رهيو آهي جڏهن ته ڀارت اندران پڻ آواز اٿي رهيا آهن. هن چيو ته ڪشميرين جي قربانيون ضايع نه وينديون، اسان هن ڊوزيئر کي سڀني مشنز ۽ هر فورم تي موڪلينداسين ۽ اصل ڄاڻ ۽ حقيقتون سڄي دنيا تائين پهچائينداسين. ان موقعي تي انساني حقن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي قانونن جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. يورپي ملڪ ٻٽي معيار تي عمل پيرا آهن، والا??يل ڪشمير ۾ يورپي يونين طرفان 5 آگسٽ جي ڀارتي قدمن تي ڪو به بيان سامهون ناهي آيو، اسان عالمي انصاف واري عدالت کا?? جنگي ڏوهن جي حوالي سان راءِ وٺي عالمي سطح تي ڀارت جي انساني حقن بابت پائمالين کي وڌيڪ اٿارينداسين. شيرين مزاري چيو ته ڀارت طرفان جنسي ڏاڍائي کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته ڀارت کي هن وقت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سونپي وئي جڏهن ته اهو انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث ٿي رهيو هو. ان موقعي تي قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف چيو ته اڄ صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي، هاڻي ڪو به ڀارت جي ڏوهن تي پردو وجهڻ وارو موجود ناهي. هن چيو ته ڀارت جون پاليسيون نه رڳو خطي لاءِ پر دنيا لاءِ خطري جو سبب ٿي سگهن ٿيون. اي يوڊس انفوليب جي رپورٽ جو پڌرو ٿيڻ ان تبديلي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اسان نومبر 2020ع ۾ جيڪو ڊوزيئر ڏنو ڪنهن به ان ۾ ڏنل معلومات ۽ ڀارتي پروپئگنڊه جي دستاويزي ثبوتن کي چئلينج نه ڪيو. هن چيو ته اهو ڊوزيئر سيد علي گيلاني مرحوم کي خراج عقيدت آهي ڇاڪاڻ ته ان جي سموري ??ند??ي ان جدوجهد ۾ گذري.