اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي تحفظ ۽ نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪامياب پاڪستان منصوبي جي ذريعي آبادگارن جي مدد، سستي رهائش جي فراهمي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ آسان شرطن تي قرض فراهم ڪيا ويندا، پوري دنيا ۾ شين جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو آهي، حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته عوام تي بار گهٽ ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي بئنڪ جي ڏکڻ ايشيا لاءِ نائب صدر هارٽ وگ شڪافر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنحسين، ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير عمر ايوب، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال خاص طور تي ڪورونا جي باوجود مثبت معاشي انگ اکرن، گردشي قرضن ۾ چڱي خاصي گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو، حڪومت جي قدمن جنهن ۾ SDGs تي خصوصي ڌيان ڏيندي آبادگارن کي آسان قرض سان مدد ۽ منڊين تائين بنيادي ڍانچي جي به??ري جي ذريعي پهچ، آپٽيڪل فائبر سان مواصلات جي نظام ۾ به??ري جنهن جي ڪري لاڪ ڊائون ۾ تعليمي سرگرمين کي فعال رکڻ ۾ مدد، ضم ٿيل ضلعن جي ماڻهن کي ترقي لاءِ کنيل قدم، ماحولياتي آلودگي جي روڪٿام جنهن ۾ ٻيلن جي بحالي، بلين ٽري سونامي ۽ ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهرن تي پ??بندي تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايم ايف پروگرام ۾ شامل ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گذريل سال پاڪستان ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان قرضن جي شرح، معاشي شعبي ۾ سڌارا ۽ معاشي ترقي ۾ سمورن طبقن کي گڏ کڻي هلڻ جي پ??لسي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻڌايو وي?? ته پاڪستان موجوده ٽيڪس ڏيندڙن تي وڌيڪ بار وجهڻ بدران معاشي ترقي جي پ??ليسي اختيار ڪري رهيو آهي جنهن سان نه رڳو روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا پر ملڪي روينيو به وڌندو ۽ ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. هارٽ وگ شڪافر ان موقعي تي چي?? ته نه رڳو عالمي بئنڪ پر پوري دنيا پاڪستان جي احساس پروگرام جي غربت گهٽايو ۽ سماجي تحفظ جي حوالي سان معترف آهي ۽ مثال ڏي ٿي. پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سماجي تحفظ جي منصوبن ۾ پوري مدد ۾ دلچسپي رکي ٿو، ان کانسواءِ حڪومت جي معاشي سڌارن ۽ ڪورونا وائرس دوران سمارٽ لاڪ ڊائون جي پ??ليسي به قابل تحسين آهي، عالمي بئنڪ ۽ پاڪستان جو ملڪ جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ تعاون جاري رهندو، هن چي?? ته احساس پروگرام غربت گهٽايو ۽ سماجي تحفظ جو سڄي دنيا ۾ منفرد ۽ وڏو پروگرام آهي جنهن جي عالمي سطح تي مثال ڏنا ويندا آهن، اميد آهي ته ڪامياب پاڪستان پروگرام به ان طرز جو هڪ مثالي پ??وگرام هوندو. وزيراعظم عالمي بئنڪ جي پ??ڪستان مشڪل وقت ۾ تعاون تي ٿورو ادا ڪندي چي?? ته حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي، ڪامياب پاڪستان منصوبي جو جلد افتتاح ڪيو ويندو جيڪو آبادگارن کي مدد، سستي رهائش جي فراهمي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ آسان شرطن تي قرض فراهم ڪندو. هن وڌيڪ چي?? ته بدقسمتي سان هن وقت پوري دنيا ۾ شين جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو آهي، حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته عوام تي بار گهٽ ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي، حڪومت معاشي ترقي سان هن ملڪ جي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ ??ي به پنهنجي اولين ترجيح سمجهي ٿي.