اسلام آب??د-01 مارچ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪ?? راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سمورن ميمبرن کي پارليامينٽ جي وقار کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??يو ته پارليامينٽ 25 ڪروڙ عوام جي دانشگاهه آهي ۽ ان جي عزت ۽ وقار اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. پارليامينٽ جو احترام اسان سڀني تي لازمي آهي. اسپيڪر ??يو ته هائوس اندر جوتا ڏيکارڻ ۽ اڻوڻندڙ نعريبازي پارلياماني روايتن ۽ رولز جي خلاف آهي. هن چيو ته پارلياماني اڳواڻن کي پنهنجي ميمبرن کي ان ر??يي کان روڪڻ گهرجي.