عالمي برادري ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي،وزيراعظم عمران خان جي جرئتمنداڻي قيادت ۾ پاڪستان ڀارتي ظلمن کي عالمي فورمز تي بي نقاب ڪيو آهي: شبلي فراز

image
APP35-110221 ISLAMABAD: February 11 - Senator Shibli Faraz, Federal Minister for Information and Broadcasting addressing at inaugural ceremony of Kashmir Photographic and Cultural exhibition at Ministry of Foreign Affairs. APP

اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميرين جا حق غصب ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کان ڇوٽڪارو ڏياري، وزيراعظم عمران خان جي جرئتمنداڻي قيادت ۾ پاڪستان ڀارتي ظلمن، بربريت، والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت جي تبديلي، ڊگهي لاڪ ڊائون ۽ انسانيت لڄائيندڙ سلوڪ کي عالمي اڳواڻن، عالمي ادارن، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت عالمي فورمز تي بي نقاب ڪيو آهي، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري واري جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، هر گذرندڙ ڏينهن معصوم، بي هٿيار ڪشميرين جي لاءِ اسان جي حمايت کي وڌيڪ سگهه ملندي. هو پرڏيهي آفيس ۾ ” يوم يڪجهتي ڪشمير تصويري نمائش“ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، آزاد ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، غير ملڪي سفارتڪارن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته غير قانوني ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ زندگي جي ٻين رخن سان گڏوگڏ سموري ثقافتي ۽ قدرتي خوبصورتي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت پاران تصويري نمائش منعقد ڪرڻ بهترين قدم آهي، هن چيو ته ڪشمير زمين تي جنت جي نظير آهي پر مظلوم ۽ بي هٿيار ڪشميرين تي ڀارتي حڪومت ۽ فوج ظالماڻي ۽ غير انساني سلوڪ جي انتها ڪري ڇڏي آهي.

مضمون کا ماخذ : راکی