اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ مريضن جي سارسنڀال ڪندڙ شهيد ڊاڪٽرن ۽ هيلٿ ورڪرز کي تمغه امتياز (وفات کانپ??ءِ) ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ??نه?? ۾ سنڌ مان 87، پنجاب مان 81، خيبرپختونخواهه مان 23، بلوچستان مان 8، آزاد ڪشمير مان 4 ۽ گلگت ۽ اسلام آباد مان هڪ هڪ ڊاڪٽر شامل آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سڄي مل?? مان ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز کي ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران خدمتن جي اعتراف ۽ ??نه?? کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته مل?? جي ??نه?? فرزندن ۽ ڌيئرن ذميوارين کي نڀائيندي شهادت ماڻي. وزيراعظم چيو ته پوري قوم ??نه?? فرض شناس ڊاڪٽرز ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي مقروض رهندي. ??نه?? ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جا گهرڀاتي قوم جو فخر آهن. پنجاب مان 81، سنڌ مان 87، خيبرپختونخواهه مان 23، بلوچستان مان 8، آزاد ڪشمير مان 4 ۽ گلگت ۽ اسلام آباد مان هڪ هڪ ڊاڪٽر کي عالمي وبا دوران م??نت ۽ لڳاءُ سان ماڻهن جون زندگيون بچائڻ ۽ فرض جي ادائيگي دوران شهادت تي تمغه امتياز (فوت ٿيڻ کانپ??ءِ) ڏنو ويندو. سڄي پاڪستان مان 59 نرسن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز کي پڻ وبا دوران پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ ماڻهن جي جان بچائڻ تي تمغه امتياز (وفات کانپ??ءِ) سان نوازيو ويندو.