اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد ج?? ويزن هو، ان پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، بي آءِ ايس پي جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن ۽ ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي ۽ ڪارائتو شهري بڻائڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سماجي تحفظ اڪائونٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مر??، مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي، وزيراعظم جي صلاحڪار کانسواءِ غيرملڪي سفير، سماجي تنظيمن جا نمائندا ۽ سرڪاري آفيسرن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چ??و ته بي آءِ ايس پي کي شازيه مري ۽ سندس ٽيم جهڙي طرح هلايو، اطمينان جوڳو ۽ ساراهه جوڳو آهي. ان پروگرام ۾ ڪيتريون ئي نيون شيون شامل ڪيون ويون آهن، ان کي وڌيڪ شفاف بڻاي?? ويو آهي ۽ توسيع ڏني وئي آهي. ان پروگرام کي حڪومت جو پورو تعاون حاصل هو. وزيراعظم چ??و ته گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي، جنهن کانپوءِ اتحادي حڪومت جا سمورا اڳواڻ متاثر علائقن ۾ پهتا، هر طرف تباهي نظر اچي رهي هئي، جن مشڪل حالتن ۾ اسان حڪومت سنڀالي، اسان کي ٻوڏ جي صورت ۾ هڪ وڏي ۽ مشڪل درپيش هئ??، ملڪ جي چئني صوبن سميت هڪ وڏو حصو ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو هو ۽ 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا. بي آءِ ايس پي تحت 70 ارب رپيا متاثرين ۾ انتهائي شفاف طريقي سان ورهايا ويا. دوست ملڪن ۽ ٻين ذريعن کان جيڪا امداد ملي اها ان کانسواءِ هئي، صوبن به پنهنجي وسيلن مان ان ۾ حصو وڌو، 18 – 20 ارب رپيا اين ڊي ايم اي فراهم ڪيا. هن چ??و ته ٻوڏ جون تباهيون ۽ اثر اڄ به هر طرف پکڙيل نظر اچن ٿا. ٻوڏ متاثرين جي لاءِ حڪومت وڌيڪ جيڪو به ڪندي اهو گهٽ هوندو. وزيراعظم چ??و ته بي آءِ ايس پي تحت تعليمي وظيفا فراهم ڪيا پيا وڃن پر اهي تعليمي وظيفا تعليمي سفر جاري رهڻ سان مشروط هجڻ گهرجن. وزيراعظم چ??و ته بي آءِ ايس پي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد ج?? ويزن هو، ان پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ان پروگرام جي لاءِ ٻاهرئين معاونت تي دوست ملڪن ۽ سفارتڪارن جا ٿورا مڃيندي چ??و ته ان پروگرام جي لاءِ جيتري به مدد فراهم ڪئي وڃي گهٽ آهي، ان تحت اسان پنهنجي ٻارن کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم ڏيارڻ ۽ معاشري جي ضرورتمند طبقن جي مدد جي قابل بڻجي سگهون ٿا. وزيراعظم چ??و ته ان پروگرام جو مقصد ماڻهن ۾ خيرات ورهائڻ نه پر انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي ۽ ڪارائتو شهري بڻائڻو آهي. وزيراعظم آءِ ايم ايف سان معاهدي جي لاءِ مدد فراهم ڪندڙ دوست ملڪن جا به ٿورا مڃيا. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مري چ??و ته بي سهارا عورتن کي بااختيار بڻائڻ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو خواب هو، پروگرام مان فائدو کڻندڙ عورتن کي بنا ڪنهن فرق جي امداد ڏني پئي وڃي. هن چ??و ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت تعليمي وظيفن جو سلسلو به شروع ڪري رهيا آهيون، سڄي ملڪ ۾ نشونما پروگرام سان مستحق ماڻهو فائدو وٺي رهيا آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني پئي وڃي. وفاقي وزير چ??و ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي وئي. کدڙن فقيرن کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بي آءِ ايس پي تحت امداد جي فراهمي ڪئي وئي.